وفاقي حڪومت پاران اپوزيشن جي گوڙ ۽ سخت احتجاج دوران مالي سال 2019-20 لاءِ 70 کرب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش

وفاقي حڪومت پاران اپوزيشن جي گوڙ ۽ سخت احتجاج دوران مالي سال 2019-20 لاءِ 70 کرب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش، بجيٽ ۾ ساڍا 3 کرب، 60 ارب رپين جو خسارو ظاهر، گاڏيون ۽ پراپرٽي خريدڻ لاءِ مقرر حد ختم، نان فائلرز 50 لک رپين کان وڌيڪ جي پراپرٽي خريد ڪري سگهندا، ٽيڪس وصولين جو ٽارگيٽ 5 هزار 555 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز، کنڊ، خشڪ کير، کاڄرو تيل، مشروبات، گوشت سميت عام واهپي جون شيون مهانگيون ڪرڻ جي به تجويز، سگريٽ، سي اين جي سيمينٽ، زيور، هار سينگار جي سامان ۽ بٺن جي سرن تي به ٽيڪس لاڳو، بجيٽ ۾ ڪڻڪ، چانورن ۽ ٻين زرعي جنسن لاءِ 44 ارب رپيا رکڻ جي تجويز، وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ زراعت لاءِ 12 ارب رپيا رکيا ويندا، اسپيڪر اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

وفاقي بجيٽ ۾ مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ساڍا 17 هزار مقرر، گريڊ هڪ کان 16 جي وفاقي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو، 17 کان 20هين گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي تجويز، 20 هين ۽ 21 هين گريڊ جي ملازمن جي پگهار نه وڌائڻ جي تجويز

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪسز جي مد ۾ سنڌ کي 8 سئو 14 ارب رپيا ملندا، پنجاب کي 16 سئو 11 ارب، بلوچستان کي 294 ارب ۽ خيبرپختونخوا لاءِ 533 ارب رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي

 

حماد اظهر پاران بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جو احتجاج، گوڙ ۽ نعري بازي، اپوزيشن ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري نعري بازي ڪئي وئي، اپوزيشن پاران آصف زرداري ۽ حمزه شهباز جي گرفتاري خلاف احتجاج طور ڪاريون پٽيون ٻڌي شرڪت ڪئي

وزيراعظم عمران خان اڄ رات نائين وڳي قوم کي خطاب ڪندو، وزيراعظم آفيس جي ذريعن موجب عمران خان ملڪ جي عوام کي سياسي، ۽ معاشي حوالي سان اعتماد ۾ وٺندو

…..اسلام آباد جي احتساب عدالت آصف زرداري کي 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، آصف زرداري اٽينڊنٽ ڏيڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، آصف زرداري درخواست ۾ چيو آهي ته، سندس انتهائي خراب رهندي آهي، دوائون ڏيڻ، شگر ۽ بلد پريشر چڪاسڻ لاءِ هڪ ذاتي اٽينڊنٽ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪو، نيب آفيس ٻاهران موجود هجي، نيب جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي صدر جو خيال رکڻ اسان جي ذميواري آهي…..

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته، عمران خان کي لنڊن ڀڄندي ڏسي رهيو آهيان، گرفتاري مونکي دٻاءُ ۾ آڻڻ جو حربو آھي، سليڪٽڊ وزيراعظم کي ڪا به خبر ناهي، هي سڀ ڪم گهرو وزير جا آهن، مون اڳ ۾ ئي چيو هو ته نيب جي ڪهڙي مجال، سڀ ڪم حڪومت پئي ڪري، عدالتي ڪمري ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آصف زرداري چيو ته منهنجي پارليامنٽ مان آئوٽ ٿيڻ سان ڪو به فرق نه پوندو، مون کانپوءِ بلاول ۽ پوءِ آصفه موجود آهي، مشرف چونڊيل نه هو ان ڪري عدالتن ۾ پيش نه ٿو ٿئي، اسان جي حڪومت دوران هڪ به سياسي قيدي نه هو، اسان ته موت جي سزا تي به پابندي لڳائي هئي…….

 

آصف زرداري جي عدالتي ڪمري مان  فون تي بلاول ۽ آصفه سان ڳالهه ٻولهه، آصف زرداري سگريٽ دکايو، فاروق ايڇ نائيڪ جي مشوري تي وسائي ڇڏيو، عدالتي ڪمري ۾ سگريٽ دکائڻ بابت سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته عدالت تڏهن هوندي جڏهن جج موجود هوندو، ايئن خالي ڪمرو آهي….

ايم ڪيو ايم جو باني نارٿ لنڊن مان گرفتار، اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس تصديق تصديق ڪندي چيو آهي ته، متحده باني کي پاڪستان مان مليل شاهدين جي آڌار تي ٻن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، هڪ

جوابدار عادل غفار به ساڳين ڪيسن ۾ گهربل آهي، اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس متحده باني جي گهر ۽ سيڪريٽريٽ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ تلاشي به ورتي، جوابدار کان انٽرويو دوران اسڪاٽ لينڊ يارڊ جا عملدار پاڪستاني اختيارين سان رابطي ۾ رهيا…….

وفاقي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه چيو آهي ته، متحده باني جي حوالگي لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي، متحده باني پاڪستاني نه پر برطانوي شهري آهي، صحافين کي صلاح آهي ته متحده باني بابت جيڪا به معلومات وٺڻي آهي ان لاءِ برطانيه سان رابطو ڪيو وڃي…….

فريال ٽالپر ضمانت ۾ واڌ واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿي، پيشي کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست داخل، ٻڌڻي دوران فريال ٽالپر جي وڪيل پاران سندس حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڏيندي چيو ته سندس اصيل بيمار آهي، عدالت فريال ٽالپر جي ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته فريال ٽالپر ڪٿي آهي؟ عدالت جو وقت ختم ٿيڻ کان اڳ عدالت ۾ پيش ٿي ته پوءِ معاملي کي ڏسنداسين…..

….پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز گرفتاري بعد نيب ريجنل آفيس منتقل، آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ سندس ضمانت رد ڪئي، گرفتاري وقت نوازليگ ڪارڪنن جي عدالت ۾ ڀڃ ڊاهه، نيب پاران حمزه شهباز کي سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رمضان شگر ملز ڪيس ۾ رمانڊ حاصل ڪيو ويندو….

 

نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڪٺ پتلي وزيراعظم جي اشارن تي نچندڙ نيب ناانصافي جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، اهڙو ورتاءُ ڪندڙ تاريخ جي قهر کان نه اڳ بچيا  آهن، نه ئي هاڻ بچندا، پ پ چيئرمين جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته گرفتاريون واضح ثبوت آهن ته سليڪٽيڊ سرڪار اپوزيشن کان ڊڄي وئي آهي، اپوزيشن حڪومت کي وقت ڏيڻ پئي چاهيو پر لڳي ٿو ته عمران خان صاحب کي وڃڻ جي تڪڙ آهي..

70سالن کان ملڪ طاقتور شخصيتن جي تابع رهيو، پهريون ڀيرو عدالتن پنهنجي آزادي ۽ ادارن پنهنجي خودمختياري ثابت ڪئي: وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون برابري سان لاڳو ڪرڻ تي وزيراعظم کي واڌايون، فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ جا اربين رپيا هڙپ ڪندڙن جو مقدر جيل آهي…

 

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري سان بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل جي ملاقات، زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيل اهم ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن  جي ڏي وٺ، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي بي اين پي جي ڇهن نقطن کي درست سمجهي ٿي………….

آصف زرداري جي گرفتاري خلاف پيپلزپارٽي جي سڏ تي ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڪرونڊي شهر، راڌڻ، نئون ديرو ۽ رتوديرو ۾ هڙتال، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڪشمور، شڪارپور، بدين، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، حڪومت ۽ نيب خلاف ڇتي نعريبازي……..

آصف زرداري جي گرفتاريءَ تي لياري جي هِنڱوره آباد ۽ آگره تاج ۾ جشن ملهايو ويو، خوشيءَ وچان فائرنگ، قمبر، لالو رائنڪ ۽ ٻين شهرن ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران خوشيءَ ۾ ريليون ڪڍي مٺايون ورهايون ويون…..

 

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ ميان نواز شريف جي طبي بنيادن تي سزا معطلي واري درخواست تي ٻڌڻي، نيب پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڊي جي نيب 19 جون تي طلب، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب عدالت جو وقت زيان ڪري رهيو آهي، جيڪا جوابدار سان زيادتي آهي……

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ ايڪسيئن علي اڪبر ابڙو جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، پوليس کيس عدالت مان گرفتار ڪري ورتو…..

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري جي عبوري ضمانت ۾ 7 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي، نيب عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڄام خان خلاف هڪ ريفرنس داخل آهي، پر جوابدار جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري…

 

هندي سمنڊ ۾ موجود گهٽ هوا جي دٻاءُ سامونڊي طوفان جي شڪل اختيار ڪري ورتي، موسميات کاتي موجب طوفان ڪراچي کان 683 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، سنڌ جي ساحلي علائقن کي في الحال ڪو به خطرو ناهي، فشريز کاتي پاران اونهي سمنڊ ۾ ويل مهاڻن کي واپس ٿيڻ جي هدايت…..

اپوزيشن ليڊر شهباز شريف اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرز جي مقرري لاءِ نظرثاني ٿيل نالا وزيراعظم کي اماڻي ڇڏيا، سنڌ لاءِ خالد جاويد، جسٽس رٽائرڊ عبدالرسول ميمڻ ۽ جسٽس رٽائرڊ نورالحق قريشي جا نالا تجويز، بلوچستان لاءِ صلاح الدين مينگل، شاهه محمد جتوئي ۽ رئوف عطا جا نالا تجويز ڪيا ويا، شهباز شريف خط ۾ لکيو آهي ته توهان اڳوڻين نامزدگين تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا، پنهنجي پرڏيهي وزير جي نامزد ڪيل شخص کي به نااهل قرار ڏنو، اتفاق راءِ لاءِ مخلص، سنجيده ۽ حقيقي مشاورت ٿيڻ گهرجي….

 

لاڙڪاڻي ۾ جوابدار ملڪيت جي تڪرار تان مبينا طور پنهنجي پٽ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، نوجوان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل، زخمي نوجوان جَي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته سندس پيءُ جون 2 شاديون ٿيل آهن، هو ملڪيت مان حصو نٿو ڏيڻ چاهي، ان ڪري ڀاءُ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي…..

خيرپور ۽ گهوٽڪي فلور ملز مالڪن نيب سکر کي پلي بارگين جي درخواست ڏئي ڇڏي، نيب عملدارن جو چوڻ آهي ملز مالڪن 30 ڪروڙ اڳواٽ ئي نيب وٽ پلي بارگين تحت هڪ ارب 57 ڪروڙ 40 لک رپيا واپس ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي…….

 

سنڌ ۾ ايڊز جا هاڃا وڌي ويا، رتوديرو ۾ 6 ٻارڙن سميت 7 ڄڻن کي ايڇ  آءِ وي وائرس جي تصديق ٿي وئي، هڪ عورت به شامل، ايڊز جي مريضن جو انگ وڌي 791 ٿي ويو، صحت واري عالمي اداري جي ٽيم رتيديري ۽ ڀرپاسي ۾ ايڇ آءِ وي آئوٽ بريڪ بابت رپورٽ 14 جون تائين مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو…….

هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، مختلف شهرن ۾ 17 ڪلينڪس سيل، لاڙڪاڻي ۾ ڪارروائي دوران 7 ڪليڪنڪس سيل، 70 ڪلينڪس کي وارننگ جاري، سيٺارجا مان هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار، گهوٽڪي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون 10 ڪلينڪس ۽ ليبارٽريون سيل، هيلٿ ڪميشن جي سيٺارجا ۾ ڪارروائي، 5 ڪلينڪ سيل، هڪ ڊاڪٽر گرفتار، ميروخان ۾ به هڪ ڪلينڪ سيل ڪئي وئي…….

نئون ديرو پرسان ڄاڃين سان ڀريل ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت، گهوٽ سميت 5 ڄاڃي زخمي، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، فوتين جي سڃاڻپ اوٻاوڙو واسي نزاڪت ميراڻي، نينگر عابد علي ۽ جهانگير طور ڪئي وئي، فوتين جا مڙهه قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي، زخمي اسپتال داخل، حادثي جو شڪار بڻيل ڄاڃي لاڙڪاڻي ۾ شادي بعد مريد شاخ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو……

 

مٽياري ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، 2016 کان هيل تائين جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور 61 آءِ ڊي کولي پگهارون جاري ڪرڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي…..

گجو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه ۾ معصوم نينگر ۽ سندس پيءُ ٻڏي ويا، نينگر بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال نيئندي فوت، فوتي نينگر جي پيءُ جي ڳولا جاري، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙو ڪئنال ۾ ڪري پيو، جنهن کي بچائڻ لاءِ سندس پيءُ واهه ۾ لٿو ته اهو به ٻڏي ويو، نئون ڪوٽ ۾ هڪ نينگر رڻ شاخ ۾ ٻڏي فوت..

بلوچستان جي وِندُر واري علائقي ۾ وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، 7 مسافر فوت، ڪيترائي زخمي، امدادي ٽيمن جو چوڻ آهي فوتين ۽ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، ڀان سيد آباد ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي، ڪراچي واسي 2 ڄڻا فوت، فوتي محمد هارون ۽ سجاد پٺاڻ جا لاش لمس ڄامشورو منتقل ڪرڻ بعد قانوي ڪارروائي ڪري مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا……..

 

ڀريا روڊ ۾ 3 مهينا اڳ پراسرار نموني فوت ٿي ويل عورت جِي سول جج ٺارو شاهه جي نگراني ۾ قبر ڪشائي، پي ايم سي نوابشاهه جي ڊاڪٽرن لاش جا جزا ورتا،  فوت ٿي ويل عورت مهناز ڪلهوڙو جي وارثن مڙس مٿان قتل ڪرڻ جو الزام مڙهيو هو…..

 

قمبر جي ماڊل ڪورٽ نينگر جي قتل ڪيس ۾ ٻن ڀائرن معشوق تنيو ۽ اختيار تنيو کي عمر قيد ۽ 2-2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن مٿان 2013 ۾ 14 سالن جي نينگر رجب تنيو جي قتل جو ڪيس هلندڙ هو……

 

۽ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ دلچسپ مقابلا، اڄ برسٽل ۾ سريلنڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچ برسات سبب شروع نه ٿي سگهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*