پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري ۽ بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل وچ ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن  جي ڏي وٺ ڪئي وئي

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري ۽ بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل وچ ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن  جي ڏي وٺ ڪئي وئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي بي اين پي جي ڇهن نقطن کي درست سمجهي ٿي.

زرداري هائوس اسلام آباد۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري سان بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل وچ ملاقات ٿي

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن  جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته بدترين معاشي صورتحال کان پوءِ پيدا ٿيل عوامي بي چيني ۽ رد عمل تي به بحث ڪيو ويو

ان موقعي تي سردار اختر مينگل بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون اوهان وٽ آصف علي زرداري جي گرفتاري تي اظهار يڪجهتي لاءِ آيو آهيان

يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي بلاول ڀٽو زرداري سردار اختر مينگل جا ٿورا مڃيا

اختر مينگل چيو ته حڪومت 10 مهينن ۾ بي اين پي جي ڇهن نقطن تي عمل نه ڪري سگهي  آهي. جنهن تي  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي بي اين پي جي ڇهن نقطن کي درست سمجهي ٿي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته بلوچستان جي عوام جا حق هميشه کسيا ويا آهن

پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته بلوچستان جي عوام جي زخمن تي مرحم رکڻ بنا ملڪي ترقي جو تصور ناممڪن هوندو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي بلوچستان کي حق ڏئي بلوچ عوام کي حق فراهم ڪرڻ جي شروعات ڪئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*