لاڙڪاڻي کان شادي ڪرائي واپس موٽندڙ ڄڃ سان نئون ديرو ڀرسان حادثو پيش آيو آهي،گهوٽ جي ڪار کي موبل آئل کڻي ويندڙ ڊاٽسن جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن نينگرن سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت

لاڙڪاڻي کان شادي ڪرائي واپس موٽندڙ ڄڃ سان نئون ديرو ڀرسان حادثو پيش آيو آهي،گهوٽ جي ڪار کي موبل آئل کڻي ويندڙ ڊاٽسن جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن نينگرن سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ گهوٽ سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

لاڙڪاڻي کان واپس موٽندڙ ڄڃ سان پنجوديرو لاڙي وٽ حادثو پيش آيو، اطلاع تي نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس به پهتي، جتي حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٻن نينگرن عابد علي ۽ جهانگير ميراڻي ۽ نوجوان نزاڪت علي ميراڻيءَ جا لاش ٻاهر ڪڍرائي ضروري ڪاروائيءَ لاءِ نئون ديرو اسپتال پهچايا ويا.

 حادثي جي نتيجي ۾ گهوٽ شاهد علي ميراڻي، نينگر عبدالشڪور ميراڻي، نوجوان ساجد حسين، نصرالله ميراڻي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

حادثي سبب زخمي ٿيلن کي علاج لاءِ فوري طور نئون ديرو اسپتال آندو ويو، جتان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي نيو ويو آهي

 معلوم ٿيو آهي ته حادثي جو شڪار ٿيل ڄڃ لاڙڪاڻي جي پرديسي پيٽرول پمپ ڀرسان گهوٽ شاهد علي جي شادي ڪرائي واپس مريد شاخ موٽي رهيا هئا ته نئون ديرو ڀرسان پنجو ديرو لاڙي وٽ حادثو پيش آيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*