پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ جون حڪومتون ڪرپشن سبب ختم ٿيون، وزير اعظم عمران خان

وزير اعظم عمران خان 2008 کانپوءِ ورتل قرضن جي جاچ لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ اعليٰ اختياراتي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزير اعظم  چيو آهي ته ڪميشن جاچ ڪندي ته ملڪ تي 24 هزار ارب قرض ڪيئن چڙهيو، ڀلي سر وڃي پر ڪرپشن ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو، اين آر او ڪنهن به صورت نه ڏينداسين.

وزير اعظم عمران خان 2008 کانپوءِ ورتل قرضن جي جاچ لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ اعليٰ اختياراتي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪميشن ۾ آءِ ايس آءِ، آءِ بي، ايف آءِ اي، نيب ۽ ٻيا ادارا شامل هوندا.

قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جاچ ڪنداسين ته جاچ ڪنداسين ته 10 سالن ۾ ملڪ کي ڪيئن تباهه ڪيو ويو، نئون پاڪستان مديني جي رياست جي اصولن تحت ٺهندو ۽ پاڪستان عظيم ملڪ بڻجندو.

هن چيو ته آصف زرداري، نوازشريف، شهبازشريف، حمزه شهباز يا ڪنهن به اپوزيشن جي ماڻهو تي اسان ڪيس ناهن ڪيا، آصف زرداري خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس نون ليگ ٺاهيو هو.

عمران خان چيو ته، زرداري جي هڪ سئو ارب جي مني لانڊرنگ سامهون آئي. اقاما مني لانڊرنگ ڪرڻ جا طريقا هئا، جعلي بينڪ اڪائونٽس استعمال ڪيا ويا. هڪ عورت 5 لک ڊالر کڻي ويندي پڪڙجي پئي.

وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ جون حڪومتون ڪرپشن سبب ختم ٿيون.

عمران خان چيو ته انڪوائري ڪميشن جي پاڻ نگراني ڪندس ۽ ڀلي منهنجي جان هلي وڃي پر انهن چورن کي نه ڇڏيندُس.

هن چيو ته اقتدار ملڻ کان وٺي مخالف چون ٿا ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان، نظام تبديل ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.

وزيراعظم چيو ته وڏا وڏا بت اڄ جيل ۾ آهن، اها تبديلي آهي، اها قانون جي بالادستي آهي، جيڪا آهستي آهستي نظر اچي رهي آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن وارا چاهين ٿا ته کين اين آر او ملي پر مان ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*