عمران خان کي خوف آهي ته آءِ ايم ايف جي پيش ڪيل بجيٽ منظور نه ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم آڌي رات جو خوفزده ٿي قوم کي خطاب ڪيو، کيس ڊرپ آهي ته بجيٽ منظور نه ٿي ته سندس حڪومت هلي ويندي.

 وزير اعظم جي بيان تي رد عمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪو به باضمير شخص ٽيڪس جي اضافي، مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ووٽ نه ڏيندو، بجيٽ معاشي خودڪشي آهي، ڪنهن به صورت منظور ٿيڻ نه ڏينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان کي خوف آهي ته آءِ ايم ايف جي پيش ڪيل بجيٽ منظور نه ٿيندي،ان ڪري هن آڌي رات جو ڊرپ ۾ قوم کي خطاب ڪيوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*