عوام هن نالائق حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، مريم اورنگزيب

مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان طرفان ڪميشن جوڙڻ جي تجويز کي اپوزيشن کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو، مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم هڪ نه پر ڀلي 10 ڪميشن ٺاهي، اسان وٽ هڪ هڪ پائي جو حساب آهي، وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪنٽينر واريون ڳالهيون ڪيون آهن.

وزيراعظم جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اعليٰ ڪميشن ٺاهي عمران خان جو دماغي معائنو به ڪيو وڃي، وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ انتهائي نروس نظر آيو.

هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪنٽينر واريون ڳالهيون ڪيون.

ترجمان چيو ته عوام هن نالائق حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، ان تي به ڪميشن جوڙي وڃي.

مريم اورنگزيب چيو ته هي اپوزيشن کي ڌمڪيون نه ڏين، مولاجٽ بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ۽ هاڻ ڪنٽينر تان لهي اچڻ گهرجي.

مسلم ليگ ترجمان چيو ته آءِ ايم ايف سان ڊيل ۽ عوام دشمن بجيٽ جو انهن کي جواب ڏيڻو پوندو.

مريم اورنگزيب چيو ته اڄ جي اپوزيشن جيل ۾ وڃڻ کان ڊڄڻ واري نه آهي، ڌمڪين سان ڪجهه به نه ٿيندو.

ترجمان چيو ته اسان قرض ورتو ته 11 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ داخل ٿي، موٽر وي ۽ روڊن جو ڄار وڇايو ويو، هاڻ ڀلي هڪ نه پر ڏهه ڪميشن ٺاهيون وڃن، اسان وٽ رپئي رپئي جو حساب آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*