لاهور جي احتساب عدالت حمزه شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ 26 جون تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار حمزه شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ 26 جون تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي هئي، نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چيو ته ملڪ جي ايندڙ مالي صورتحال خطرناڪ آهي، الله پاڪ پاڪستان تي رحم ڪري، اسيمبلي ۾ پنهنجو موقف پيش ڪندس.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار حمزه شهباز جي جسماني ريمانڊ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، نيب حمزه شهباز کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حمزه شبهاز کي ڪالهه هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن تي جج پڇا ڪئي ته ڇا جوابدار عدالت ۾ آهي؟

جنهن تي نيب جي وڪيل جواب ڏنو ته حمزه شهباز عدالتي ڪمري ۾ موجود آهي، جج پڇا ڪئي ته ڇا حمزه شهباز کي گرفتاري جو ڪارڻ ٻڌايو ويو آهي.

جنهن تي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته حمزه شهباز کي سبب ٻڌايو ويا آهن.

ان موقعي تي جاچ آفيسر حمزه شهباز جي 15 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته شهباز شريف جي بينڪ اڪائونٽس مان شڪي ٽرانزيڪشن ٿي آهي.

جاچ آفيسر چيو ته 2003 ۾  حمزه شهباز جا اثاثا سوا ٻه ڪروڙ هئا، هاڻ سندس اڪائونٽس ۾ 500 ملين کان وڌيڪ جمع آهن.

جاچ آفيسر چيو ته حمزه شهباز جا اثاثا سندس آمدني کان وڌيڪ آهي، حمزه شهباز اڄ ڏينهن تائين نه ٻڌايو آهي ته پيسا ڪير ۽ ڪهڙن ذريعن ذريعي موڪليا ويا؟

حمزه شهباز جي وڪيل جسماني ريمانڊ جي مخالف ڪندي چيو ته مين لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ايڪٽ 2010 ۾ آيو آهي، جيڪو پهرين معاملن تي لاڳو نه ٿو ٿئي.

حمزه شهباز جي وڪيل عدالت حمزه شهباز جي جسماني ريمانڊ جي درخواست رد ڪري.

لاهور جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار حمزه شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ 26 جون تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

لاهور جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار حمزه شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ 26 جون تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي هئي، نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چيو ته ملڪ جي ايندڙ مالي صورتحال خطرناڪ آهي، الله پاڪ پاڪستان تي رحم ڪري، اسيمبلي ۾ پنهنجو موقف پيش ڪندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*