سنڌ ۾ قهر جي گرمي جاري، اترين علائقن ۾ جهولو ۽ ڪراچي ۾ ٻوسٽ ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو

سنڌ ۾ قهر جي گرمي جاري، اترين علائقن ۾ جهولو ۽ ڪراچي ۾ ٻوسٽ ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو، موسميات کاتي ڪراچي ۾ وڌيڪ چئن ڏينهن تائين سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪندي گرمي پد اڄ کان ڇنڇر تائين  40 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي جاري آهي، نوابشاهه، جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور  ۾ سخت گرمي آهي، جڏهن ته جهولو پڻ لڳي رهيو آهي.

سامونڊي هوائون گهٽجڻ ڪري ڪراچي ۾ ٻوسٽ ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ ٺهندڙ طوفان جي ڪري ڪراچي ۾ ايندڙ چئن ڏينهن تائين گرمي جي لهر برقرار رهندي.

موسميات کاتي موجب طوفان ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين ٺهي ويندو، جنهن جو رخ ڀارتي رياست گجرات طرف آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ کان ڇنڇر تائين ڪراچي ۾ گرمي پد 40 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*