شيکر ڌون آڱوٺي جي انجري سبب ٽن هفتن لاءِ ورلڊ ڪپ مان ٻاهر نڪري ويو

ڀارتي ڪرڪيت ٽيم جو اوپنر شيکر ڌون آڱوٺي جي انجري سبب ٽن هفتن لاءِ ورلڊ ڪپ مان ٻاهر نڪري ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب شيکر ڌون آسٽريليا خلاف ميچ دوران آڱوٺي ۾ بال لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو، جنهن کان پوءِ سندس اسڪين ڪيو ويو، جنهن جي رپورٽ موجب شيکر ڌون جو آڱوٺو زخمي ٿي پيو آهي.

شيکر ڌون ورلڊ ڪپ جون ايندڙ ميچون نه کيڏي سگهندو.

هلندڙ مهيني ڀارت کي نيوزلينڊ، پاڪستان، افغانستان، ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ميچون کيڏڻيون آهن.

شيکر ڌون عالمي ڪپ ۾ ڀارت جو اهم هٿيار آهي ۽ هن آسٽريليا خلاف 117 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ميچ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*