والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي.

قابض ڀارتي فوج شوپيان واري علائقي ۾ گهيري دوران فائرنگ ڪري ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ٻن نوجوانن جي شهادت بعد به ڀارتي فورسز جو علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

وادي ۾ ٻن نوجوانن کي شهيد ڪرڻ تي  ڀارتي فوج جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.

قابض انتظاميا مظاهرن کي روڪڻ لاءِ واديءَ ۾ موبائل ۽ انٽر نيٽ سروس معطل ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*