سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو ايس ايس يو ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو ايس ايس يو ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

2017 ع ۾ پوليس کاتي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ ذريعي ايس ايس يو ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آفتاب احمد، سفير شر، محمد علي ۽ ٻين چيو ته پوليس ڪمانڊو جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي پر ٻيهر ٽيسٽ ورتي وئي آهي.

 هنن چيو ته  سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدر آباد ٻيهر ٽيسٽ خلاف اسٽي جاري ڪيو پر عدالتي فيصلي تي عمل ناهي ٿي سگهيو.

هنن الزام هنيو ته ميرٽ جي لتاڙ ڪري من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن.

مظاهرين  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*