ماضيءَ ۾ جنهن شخص مـُڪا ڏيکاريا ان جو انجام به سڀني جي سامهون آهي، مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ماضيءَ ۾ جنهن شخص مـُڪا ڏيکاريا ان جو انجام به سڀني جي سامهون آهي، ماضيءَ ۾ مشرف کان اين آر او وٺندڙ چون ٿا ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، ايمنسٽي اسڪيم اين آر او نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ وفاقي بجيٽ غريبن جو رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي بجيٽ غريب دشمن آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  هر شيءِ جي اگهن ۾ واڌ ۽ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم جي ڌمڪين وارن اشارن تي اپوزيشن ماٺ نه ڪئي ته وزيراعظم اڌ رات جو خطاب ڪيو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ماضيءَ ۾ جنهن شخص مـُڪا ڏيکاريا ان جو انجام به سڀني جي سامهون آهي، ماضيءَ ۾ مشرف کان اين آر او وٺندڙ چون ٿا ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، پيپلز پارٽي کي ڪنهن اين آر او جي ضرورت ناهي،  ايمنسٽي اسڪيم اين آر او نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*