نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران نيازي جي حيثيت ئي ناهي جو هو ڪنهن کي اين آر او ڏئي

نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران نيازي جي حيثيت ئي ناهي جو هو ڪنهن کي اين آر او ڏئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو پاڻ اين آر او گهرندي نظر ايندو، عمران نيازي عوام کي مشڪل ۾ ڦاسائي پاڻ لنڊن فرار ٿي ويندو، کيس خبر آهي ته هو پهريون ۽ آخري ڀيرو اقتدار ۾ آيو آهي.

پنجاب جي ظفر وال واري علائقي ۾ نون ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف جي 2018 واري کٽيل اليڪشن کي چوري ڪيو ويو،  نون ليگ جي ويندي ئي ملڪ تباهي جو شڪار ٿيو ۽ هاڻي بجيٽ ۾ عوام تي قيامت آندي وئي آهي.

هن چيو ته نيب کي شهباز شريف، حمزه، شاهد خاقان ۽ سعد رفيق نظر اچن ٿا پر حڪومتي وزير نظر نٿا اچن، نيب ۾ جرعت آهي ته هو عمران خان تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس ٺاهي سگهي

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن وٽ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي خلاف ثبوت موجود آهن، پر ڪنهن کي جرعت ناهي جو کيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهي، بني گالا وارو گهر بنا اين او سي جي تيار ٿيو پر ڪنهن ۾ همٿ ناهي ته اهو گهر ڪيرائي سگهي.

نون ليگ جي نائب صدر جو چوڻ هو ته جعلي حڪومت کي اقتدار ۾ آئي 10 مهينا ئي ٿيا آهن پر مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ قرض جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن

مريم نواز چيو ته نواز شريف جي دور ۾ جيڪي قرض کنيا ان مان اربين رپين جا منصوبا لڳايا ويا، عمران نيازي ايترا قرض وٺڻ باوجود هڪ سِر به لڳائي نه سگهيو آهي، نيازي کي هاڻي روئڻ بدران هر ڳالهه جو جواب ڏيڻو پوندو

هن چيو ته نيازي 10 سال اڳ مشرف جي دور جي جاچ ڇو نه ٿو ڪرائي، مشرف جي جاچ ڪرائڻ سان عمران نيازي جا پَر سڙن ٿا

سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي اقامه جهڙي مذاق تي وزيراعظم جي ڪرسي تان هٽايو ويو، عمران خان اقتدار ۾ آيو ناهي پر کيس آندو ويو آهي، هاڻي نيازي کي رڳو گو ناهي چوڻو پر کيس گهر ڇڏي اچڻو آهي.

مريم نواز چيو ته بجيٽ ذريعي عوام تي قيامت آئي آهي، ڪو به طبقو سک جو ساهه نه پيو کڻي، عمران خان اسان کي ڪيسز کان نه ڊڄائي، نواز شريف کي اڳ به 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا ملي چڪي آهي، نواز شريف 7 سال ملڪ کان ٻاهر به رهيو آهيئ

مريم نواز چيو ته نيازي کي خبر آهي ته سندس اها پهرين ۽ آخري حڪومت آهي، جنهن ڪري هو هاڻي لنڊن فرار ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته عمران نيازي جا ٻار ۽ ملڪيت به اتي ئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*