نيب ٽيم، ٽنڊو ڄام ڀرسان اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي فارم هائوس تي ڇاپو هنيو ۽ ايراضي جي ماپ شروع ڪري ڇڏي

نيب ٽيم، ٽنڊو ڄام ڀرسان اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي فارم هائوس تي ڇاپو هنيو ۽ ايراضي جي ماپ شروع ڪري ڇڏي، ڪارروائي دوران شرجيل ميمڻ جا ملازم به موجود رهيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته راول فارم هائوس تي نيب جي ڇاپي کي آصف زرداري خلاف جاچ سان جوڙيو پيو وڃي.

نيب جا عملدار، راهوڪي ۾ شرجيل ميمڻ جي راول فارم هائوس تي ڇاپو هڻي ٻن ڪلاڪن تان موجود رهيا، جنهن دوران فارم هائوس جي ايراضي جي پيمائش به ورتي وئي

نيب جي سڄي ڪارروائي دوران اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جا ملازم ۽ سيڪيورٽي گارڊز به موجود رهيا، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*