پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايوان ۾ پارلياماني اڳواڻن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ منهنجي هڪ به تقرير برداشت نه ڪري سگهندو

هن چيو ته قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا ويا، ايوان ۾ پارلياماني اڳواڻن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو پيو وڃي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن اڳواڻن کان احتساب جي نالي تي انتقام ورتو پيو وڃي، هو ڪٺپتلي حڪومت جو مقابلو ڪندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*