سڌ سماءُ واري خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته يرغمالي ٽولو بجيٽ کي منظور ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي

سڌ سماءُ واري خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته يرغمالي ٽولو بجيٽ کي منظور ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي، پارليامينٽ کي يرغمالي ٽولي کان آجو ڪرائڻو پوندو، پروڊڪشن ته فلمن يا ڊرامن ۾ٿيندي آهي، سياسي اداڪارن کي ايوان ۾ اچڻ نه ڏيڻ بابت اسپيڪر کان پڇيو وڃي، اسلام آباد۾پريس ڪانفرنس ڪندي فرودس عاشق اعواڻ  وڌيڪ چيو ته ٻن خاندانن ملڪ کي تجربي گاهه بڻائي ڇڏيو هو، عمران پاڪستان جي جنگ وڙهي رهيو آهي، شهباز شريف ڊگهي تقرير ۽ روايتن کي نظرانداز ڪري اسيمبلي جي ضابطن کي ٽوڙيو.

هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان عوام سان نئين پاڪستان واري ڪيل واعدي تي قائم آهي

 فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف اسيمبلي ۾ حقيقتن کي نظر انداز ڪيو، غلط بياني ڪري پارلياماني روايتن کي ٽوڙيو ويو

هن  چيو ته قوم کي مبارڪ هجي ته شهباز شريف صحتياب ٿي ويو،  اجائي واويلا ڪندڙ بجيٽ منظور ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي نه ٿا سگهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*