مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم نواز جلد حڪومت خلاف ورڪرز ڪنوينشن ۽ عوامي جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم نواز جلد حڪومت خلاف ورڪرز ڪنوينشن ۽ عوامي جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

لاهور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو سان گهڻي ڀاڱي معاملا طئي ٿي ويا آهن، ٻي اپوزيشن سان به رابطا جاري رهندا

هن چيو ته ووٽ چوري ڪري حڪومت ۾ ايندڙن کي چورن جي حڪومت چوندي رهنديس، بجيٽ ۾عوام جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي، رليف لاءِ عوام اپوزيشن ڏانهن نيهاري رهيو آهي

مريم نواز وڌيڪ چيو ته خواجا سعد رفيق کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڌانڌلين باوجود سعدرفيق جي ڪاميابي حڪومت کان برداشت نه ٿي رهي آهي

هن چيو ته بجيٽ جي صورت ۾ عوام جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي، جلد اي پي سي سڏائي ويندي، اپوزيشن ئي عوام کي مهانگائي مان جند آجي ڪرائيندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*