چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ملڪ ۾ عورتن جا ڌار ڪيس ٻڌڻ لاءِ 260 خاص عدالتون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ملڪ ۾ عورتن جا ڌار ڪيس ٻڌڻ لاءِ 260 خاص عدالتون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٻارڙن جا ڪيس اڪلائڻ لاءِ به هر ضلعي ۾2 خاص عدالتون قائم ڪيون وينديون، اسلام آباد جي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ماڊل ڪورٽس بابت تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته چينلز تي پارليامينٽ جي ڪارروائي ڏسي افسوس ٿيندو آهي، پارليامينٽ ۾قائد ايوان ۽ اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ نه ڏيڻ تي ڊپريشن ٿيندو آهي.

 چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ مان به مايوس ڪندڙ خبرون ملنديون آهن، رڳو عدليه جو شعبو ئي آهي، جتان بهتر خبرون ملي رهيون آهن

چيف جسٽس چيو ته ملڪي صورتحال خراب آهي، ان جَي ذميوار بابت بحث نٿو ڪريان، خطي جِي صورتحال ڏسون ٿا ته پاڻ تي افسوس ٿيندو آهي

هن چيو ته عوام کي تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، ڪيسز جو اڪلاءُ نه ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو جيل ڀوڳي رهيا آهن

چيف جسٽس چيو ته ماڊل ڪورٽس تڪڙو انصاف فراهم ڪري رهيون آهن، عوام جي ڀلائي لاءِ عدليه جون ڪوششون جاري رهنديون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*