شھيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وي سي انيلا عطاءُ الرحمان چيو آهي ته يونيورسٽي ۾ ڀرتي ڪيل 401 ملازمن مان 172 ڄڻن جي جعلي ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

شھيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وي سي انيلا عطاءُ الرحمان چيو آهي ته يونيورسٽي ۾ ڀرتي ڪيل 401 ملازمن مان 172 ڄڻن جي جعلي ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وي سي جاچ رپورٽ  ايف آءِ  اي کي موڪلڻ جو اعلان  ڪندي چيو آهي ته  ڇوڪرين جي هاسٽل تبديل ڪري کين محفوظ بڻايو آهي.

ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وي سي انيلا عطاءُ الرحمان چيو ته يونيورسٽي ۾ ڀرتي ڪيل 401 ملازمن مان 172 ڄڻن جي جعلي ڀرتي جو انڪشاف ٿيو آهي

وي سي جاچ رپورٽ  ايف آءِ  اي کي موڪلڻ جو اعلان  ڪندي چيو ته  ڇوڪرين جي هاسٽل تبديل ڪري کين محفوظ بڻايو آهي

هن چيو ته منھنجي خلاف سوشل ميڊيا تي ھڪ شخص ڪوڙي آءِ ڊي ذريعي اعتراض جوڳا اسٽيٽس رکيا سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

وائس چانسلر چيو ته ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم برانچ کي خط لکي ڇڏيو

وي سي چيو تھ منھنجي خلاف سوشل ميڊيا تي ھلندڙ مھم ۾ اسان جا ڪجھه ٽيچرز ملوث آھن، انھن خلاف  جاچ ڪاميٽي جوڙي آھي

وي سي چيو ته سوشل ميڊيا تي مھم هلائيندڙن پي جيز کي وارننگ ليٽر جاري ڪري ڇڏيا آھن

هن چيو ته ڇوڪرين جون ھاسٽلون الڳ ڪري چوديواري ڏياري آھي، ھاڻي والدين بھ اندر نھ وڃي سگهندا، ڪنھن بھ مرد کي ڇوڪرين جي ھاسٽلن ۾ وڃڻ جي اجازت نھ ھوندي

انيلا چيو ته ڇوڪريون 9 وڳي ۽ ڇوڪرا 11 وڳي تائين ھاسٽلن ۾ واپس اچڻ جا پابند ھوندا، سڃاڻپ لاءِ کين يونيورسٽي جا آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪيا ويندا

هن چيو ته ھاسٽلن ۾ سرچ آپريشن ڪرائڻ بابت وڏي وزير ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ٽييٽ ميسيج ڪيا ويا تھ يونيورسٽي ۾ مارشل لاءِ لڳي ويو آھي ۽ جنگ جو ميدان بڻجي ويو آھي

وي سي چيو ته ھڙتال تي ويٺل ملازم اسان سان ڳالھايڻ لاءِ بھ تيار ناھن، يونيورسٽي سخت مالي بحران جو شڪار آھي، پگھارن جيترا پيسا بھ ڪونھن

پروفيسر انيلا چيو ته 186 ملازم سرپلس آھن، نيب جي منع ٿيل آھي هت ليو سن ڪيشمينٽ نھ ٿا ڏيي سگھون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*