اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري جي طبيعت ۾سڌارو نه آيو، پولي ڪلينڪ جي 3 رڪني ميڊيڪل بورڊ نيب آفيس پهچي سندس طبي معائنو ڪيو آهي

اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري جي طبيعت ۾سڌارو نه آيو، پولي ڪلينڪ جي 3 رڪني ميڊيڪل بورڊ نيب آفيس پهچي سندس طبي معائنو ڪيو آهي

اڳوڻي صدر جي طبيعت خراب هجڻ واري شڪايتن کانپوءِ پولي ڪلينڪ جي ٽن ڊاڪٽرن تي ٻڌل بورڊ نيب آفيس پهتو

ميڊيڪل بورڊ آصف علي زرداري جي فزيو ٿراپي ڪرڻ سميت دل توڙي بلڊ پريشر جي به چڪاس ڪئي

ميڊيڪل بورڊ موجب آصف علي زرداري جي شگر ڪنٽرول ۾ اچي چڪي آهي، بلڊ پريشر ۽ دل جي ڌڙڪن به نارمل آهي

طبي ٽيم ٻڌايو ته آصف زرداري پاران چيلهه ۾ سور واري شڪايتن کانپوءِ سندس فزيو ٿراپي ڪئي وئي آهي

ڪجهه ڏينهن اڳ نيب اسلام آباد طرفان اڳوڻو صدر آصف علي زرداري کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾گرفتار ڪيو ويو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*