صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شفاف سياست جي دعويٰ خان صاحب جي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن

صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شفاف سياست جي دعويٰ خان صاحب جي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، عمران خان کي هڪ مهيني کانپوءِ علي محمد مهر جي تعزيت ياد اچڻ اليڪشن ڪميشن جا ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ هوا ۾ اڏائي ڇڏيا آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته بجيٽ جهڙي اهم اجلاس کي ڇڏي تعزيت جي اوٽ ۾ چونڊ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

صوبائي صلاحڪار چيو ته ڪپتان کي احساس هجي ها ته وفاقي وزير جي جنازي يا گهٽ ۾ گهٽ ٽيجهي ۾ شريڪ ٿي ها

مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم پاران تعزيت ان وقت ڪئي وئي جڏهن گهوٽڪي ۾ ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي، افسوس ته غم جي موقعي تي به سياست ڪئي پئي وڃي

صوبائي صلاحڪار چيو ته وزيراعظم جو ڪابينا سان گڏجي بجيٽ جهڙي اهم اجلاس کي ڇڏي گهوٽڪي پهچڻ جو مقصد تعزيت ڪرڻ نٿو ٿي سگهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*