اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جِي طبي بنيادن تي  سزا معطلي ۽ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جِي طبي بنيادن تي  سزا معطلي ۽ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي،نيب جِي نواز شريف کي ضمانت تي آزاد نه ڪرڻ واري استدعا منظور ڪئي وئي آهي.

جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن ڪياني تي ٻڌل هاءِ ڪورٽ جِي 2 رڪني بئنچ العزيزيه ريفرنس ۾طبي بنيادن تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا معطلي ۽ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

 عدالت ڪجهه دير کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته  نواز شريف  جِي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي، کيس طبي بنيادن تي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي علاج لاءِ اڳ به سندس ضمانت منظور ڪئي، پر تنهن باوجود نواز شريف ان مان فائدو نه ورتو

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ڪجهه وقت اڳ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ طبي بنيادن تي سزا معطل ڪري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*