اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ هاڻ حڪومت کي گهر وڃڻ گهرجي،اتحادين سان گڏجي حڪومت جي قسمت جو فيصلو ڪنداسين

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ هاڻ حڪومت کي گهر وڃڻ گهرجي،اتحادين سان گڏجي حڪومت جي قسمت جو فيصلو ڪنداسين.حڪومتي ميمبرن ۽ اتحادين سان رابطا آهن،ڪوشش ڪنداسين ته بجيٽ منظور نه ٿئي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ  ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته قومي اسيمبلي  جو اسپيڪر ڪمزور آهي، هن ويچاري وٽ اختيار نه آهن

هن چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس  ۾ سڀني سان گڏجي فيصلا ڪنداسين،ايندڙ حڪومت ڪنهن جي هوندي ،ان تي غور ڪرڻو پوندو

اڳوڻي صدر چيو ته سينيٽ جي چيئرمين  کي هٽائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي،هن چيو ته 80 سالن جي پوڙهي  بينڪر کي هٿڪڙيون هڻي آندو ويو

آصف زرداري چيو ته خزاني جي صلاحڪار کي ڪجهه اندازو ئي ناهي ته اسان بجيٽ جي مذمت ڪئي

هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت تي دٻاءَ وڌو ته منهنجا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا

آصف زرداري چيو ته بجيٽ کانپوءِ ڇڙواڳي واري صورتحال پئدا ٿي وئي آهي،اهڙي ريت ملڪ نه هلندو،آخرڪار اسان کي ملڪ کي سنڀالڻو پوندو

هن چيو ته انهن سمورن  معاملن تي آل پارٽيز ڪانفرنس  ٿيڻ گهرجي.سياسي اداڪار هٿ لوڏي بڪواس ڪن ٿا

هن چيو ته اسان جي سياسي تحريڪ سامهون نه ايندي ته ڪو ٻيو هوندو،حڪومت نيب جي چيئرمين  کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي،اهڙين پاليسن سان ملڪ نه هلندا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*