اڳوڻي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران انتقامي ڪاروايون ڪري رهي آهي

اڳوڻي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران انتقامي ڪاروايون ڪري رهي آهي، حڪومت بجيٽ تي بحث بدران اسيمبلي جو ماحول خراب ڪيو آهي

 ڪراچي ۾ مفتاح اسماعيل ۽ اڳوڻي گورنر محمد زبير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪا حڪومت ٽيڪس ذريعي پئسو گڏ ڪري اها ڪهڙو قرض لاهيندي، عوام چوي ٿو موجوده حڪومت مان ڇوٽڪارو ڏياريو

شاھد خاقان عباسي چيو ته  مفتاح اسماعيل بھترين ٽيڪس وصولي جو مشورو ڏنو آھي  پر حڪومت ان تي عمل نه ڪندي

 شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جو رويو سڀني جي سامهون آهي، اڄ نواز شريف سان اڳواڻن جي ملاقات رٿيل هئي جيڪا نه ڪرڻ ڏني وئي هي نام نهاد جمهوريت آهي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*