سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد  ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جو ڪرپٽ صوبو آهي،سنڌ جو هر شعبو ۽ هر کاتو ڪرپٽ آهي

سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد  ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جو ڪرپٽ صوبو آهي،سنڌ جو هر شعبو ۽ هر کاتو ڪرپٽ آهي.سکر پريس ڪلب ايراضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي جسٽس گلزار ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ ڄاڻايو ته بدقسمتي سان سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو ويو.

هن چيو ته سکر شهر جي به حالت خراب ڪئي وئي آهي، شهر ۾ نه بجلي نه  ئي پاڻي آهي

جسٽس گلزار چيو ته اڳ ۾ ڪراچي شهر کي منهن ڏيو، پوءِ سکر تي اچون ٿا

هن چيو ته پارڪن ۾ ڪو به بزنس يا ڪاروبار هلڻ نه ڏينداسين

جسٽس گلزار چيو ته سموري لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجي ويو آهي.افسوس آهي ته بجيٽ جو هڪ ٽڪو به صوبي تي خرچ ناهي ڪيو ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*