سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 162ارب رپين خواب ڏيکاريو ۽  بجيٽ ۾ سڀ سامهون آيو

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 162ارب رپين خواب ڏيکاريو ۽  بجيٽ ۾ سڀ سامهون آيو،  گورنر ٽي وي انٽرويو ۾ اعلان ڪيو ته رڳو 42 ارب رپيا رکيا، گورنر صاحب ٻڌائي ڪيستائين ڪراچي وارن کي لولي پاپ ملندو؟

ڪراچي ۾ ميديا سان ڳالهائندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ 162 ارب رپيا ناهن رکيا ويا، 162ارب رپين خواب ڏيکاريو ۽  بجيٽ ۾ سڀ سامهون آيو

هن چيو ته،  گورنر ٽي وي انٽرويو ۾ اعلان ڪيو ته رڳو 42 ارب رپيا رکيا، گورنر صاحب ٻڌائي ڪيستائين ڪراچي وارن کي لولي پاپ ملندو؟

مرتضيٰ وهاب چيوته ڪراچي گرين لائن منصوبي لاءِ هڪ به بس ناهي ڏني وئي، وزيراعظم کي نوٽيس، اي سي پي غيرجانبداري جو مظاهرو ڪيو

سنڌ حڪومت جي ترجمان  چيو ته اميد آهي ته چونڊن تائين اليڪشن ڪميشن جي غير جانبداري جاري رهندي، وزيراعظم ۽ سندس ويجهن ساٿين ڪراچي سان هڪ مذاق ڪئي

هن چيو ته، وزيراعظم ڪراچي لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو هو، گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ ۾ اسان اثرانداز ٿيڻ واري ڪوشش جي نشاندهي ڪئي هئي جنهن تي اليڪشن ڪميشن طرفان وزيراعظم کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيو آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان  چيو ته وزيراعظم ۽ وفاق هن چونڊ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن

مرتضيٰ وهاب چيو ته، سنڌ جي حقن جون ڳالهيون ڪندڙ رڳو بيانن تائين محدود آهن، ڪراچي لاءِ اهڙوئي اعلان عمران خان به ڪيو هو، اهو اعلان هن وقت تائين سکڻن ڏٽن کانسواءِ ڪجهه ناهي نظر آيو

مرتضيٰ وهاب چيو ته، پي ايس ڊي پي دستاويز پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته ڪراچي جي اسڪيمن لاءِ 12 ارب روپيا رکيا ويا آهن، شهر ۾ بسن لاءِ بجيٽ ڏهه ارب تجويز ڪيا  ويا آهن پر رکيا رڳو اڍائي ارب ويا آهن.

ترجمان چيو ته، سنڌ کان واپس ڪيل ٽنهي اسپتالن لاءِ وفاق هڪ روپيو به ناهي رکيو، اسپتالن جو ڪنٽرول ڪاغذي طور وفاق وٽ آهي پر سنڌ حڪومت ڄاڻايل اسپتالن لاء 16 ارب روپيا رکيا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*