جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو آهي ته پيپلزپارٽي هاڻي ڦرلٽ پارٽي بڻجي وئي آهي، سنڌ جي عوام تي دشمن بجيٽ جي صورت ۾ عذاب نازل ڪيو ويو آهي

جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو آهي ته پيپلزپارٽي هاڻي ڦرلٽ پارٽي بڻجي وئي آهي، سنڌ جي عوام تي دشمن بجيٽ جي صورت ۾ عذاب نازل ڪيو ويو آهي، 15 سئو ارب خرچ ٿيڻ باوجود صوبي جي سڃاڻپ ايڊز بڻجي ويو آهي. ايان علي ،اومني گروپ،مورائي،انور مجيد سنڌ جي بجيٽ جو پيسو کائي ويا آهن.

سنڌ اسيمبلي جو پينل آف چيئرمن گهنور خان جي صدارت هيٺ اجلاس  ٿيو، جي ڊي ايم پي اي نصرت سحر  عباسي ۽ پي ٽي آءِ ايم پي آءِ ارسلان تاج جي مقرر وقت کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي مائيڪ بند ڪيا ويا

اپوزيشن جي احتجاج تي ٻيهر نصرت سحر عباسي کي ڳالهائڻ جي اجازت  ڏني وئي

نصرت سحر پاران ايوان ۾ هاءِ گهوڙا سنڌ، هاءِ گهوڙا سنڌ جون صدائون بلند ڪيون ويون

سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي نصرت سحر عباسي چيو ته پيپلزپارٽي هاڻي ڦرلٽ پارٽي بڻجي وئي آهي، سنڌ جي عوام تي دشمن بجيٽ جي صورت ۾ عذاب نازل ڪيو ويو آهي

هن چيو ته، 15 سئو ارب خرچ ٿيڻ باوجود صوبي جي سڃاڻپ ايڊز بڻجي ويو آهي، وفاق کان سواءِ ڊونر ايجنسيون به پيسا ڏينديون رهيون پر ڪا خبر ناهي ته ڪٿي خرچ ڪيا ويا

هن چيو ته، جمعا چانڊيا کي هٽائي امتياز جاگيراڻي کي مقرر ڪيو ويو آهي،پر فڪر جي ڪا ڳالهه نه آهي، نيب آئي،نيب آئي

نصرت سحر عباسي چيو ته، 15 ارب خرچ ٿيڻ باوجود هڪ به ماڊرن يوسي توڙي شهر ناهي ، ايترا پيسا کائي وڃڻ باوجود سنڌ کي ايڊز کان سواءِ ڪجهه ناهي مليو

ان موقعي تي نصرت سحر پاران طوطا ٻولين ٿا طوطا ٻولين ٿا، ترنم سان پڙهيو ويو

نصرت سحر ايوان ۾ تصويرون ڏيکاريندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو گڏهن سان گڏ گندو پاڻي پي رهيا آهن، يارنهن سالن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي گٽر وارو پاڻي پياريو ويو آهي

نصر سحر عباسي چيو ته سنڌ جي مختلف کاتن ۾ هڪ هزار ارب جي ڪرپشن ٿي آهي

جي ڊي اي اڳواڻ چيو ته، ايان علي، اومني گروپ، مورائي، انور مجيد سنڌ جي بجيٽ جو پيسو کائي ويا آهن

نصرت سحر عباسي چيو ته، خوراڪ کاتي جي مختلف گودامن مان 8 ارب جي ڪڻڪ گم ڪئي وئي آهي

جي ڊي اي اڳواڻ چيو ته، ٻاويهه فلور ملز هنن سان ڪڻڪ چوري ۾ ملوث هيون، پر فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي ،آئي آئي نيب آئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*