پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  حڪومت 50 لک گهرن سميت جيڪي وعدا ڪيا، انهن مان ڪوبه پورو نه ڪيو ويو آهي

پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  حڪومت 50 لک گهرن سميت جيڪي وعدا ڪيا، انهن مان ڪوبه پورو نه ڪيو ويو آهي

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته سياستدانن جي ساک هجڻ گهرجي، هو ڦاسي جي ڦندي تي به چون ته اسان ڊڪٽيٽرن جي اڳيان نه جهڪنداسين

هن چيو ته جڏهن سياستدان غلط بياني ڪندا ته عوام جو جمهوريت تان اعتماد کڄي ويندو

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت پنجاهه لک گهر اڏڻ جو اعلان ڪيو ته عوام خوشي جو اظهار ڪيو ، اسان اهو سمجهو ته هي گهر انهن کي ملندو جيڪي غريب هوندا

پ پ اڳواڻ چيو ته جڏهن اسان اليڪشنز ۾ ويندا آهيون ته سوچي سمجهي وعدا ڪرڻ گهرجن

هن چيو ته 2008 ۾ اسان جي حڪومت آئي ته ڊڪٽيٽر موجود هو،ان جي اڳيان ڪو ڳالهائي به نه سگهندو هو،هن وٽ بي انتها اختيار هئا

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جيڪي وعدا ڪيا،انهن جي هڪ سيڪڙي تي عمل نه ڪيو ويو آهي

هن چيو ته بجيٽ  ۾ آبادي جي ڀلائي لاءِ  ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي آهي،تعليم، صحت، ماحول، پاڻي ۽ زراعت سميت هر شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي

مملڪتي وزير زرتاج گل چيو ته پيپلزپارٽي وارا ٻڌائين ته هنن پنهنجي دور ۾ ناڻي جا 5 وزير ڇو تبديل نه ڪيا، اسان رڳو هڪڙي حفيظ شيخ کي مقرر ڪيو ته ان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، نواز شريف جي دور ۾ ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا هئا.

هن چيو ته پ پ دور ۾ حڪومت ست ڀيرا آئي ايم ايف وٽ پر اسان هڪ ڀيرو ويا آهيون ته تنقيد ڪئي پئي وڃي

هن چيو ته سنڌو طاس معاهدو هاڻ ڪتابن جي حد تائين رهجي ويو آهي،اسان وٽ ڏهه رپيا اچن يا ڏهه هزار رپيا، ڊيمن جي اڏاوت ضرورت ڪنداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*