اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي گرفتاريءَ بابت خبرون افواهه آهن

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي گرفتاريءَ بابت خبرون افواهه آهن، انهن تي ڌيان نه ڏيو، اين آر او گهريو هجي ها ته اڄ نيب وٽ نه هجان ها، قومي اسيمبلي ۾مختلف اڳواڻن سان ملاقاتن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته نون ليگ سان گڏ ٿيا آهيون، عمران خان سان گڏجي ويهڻ ڏکيو آهي.

 صحافي آصف زرداري کان سوال ڪندي پڇيو ته پرويز مشرف ۽ عمران جي حڪومت ۾ڪهڙو فرق آهي؟ آصف زرداري جواب ڏيندي چيو ته پرويز مشرف وردي پاتي هئي، عمران خان بنا وردي جي آهي

هن وڌيڪ چيو ته نيب جو مونسان رويو عزت وارو آهي، مان به نيب جي عملدارن جي عزت ڪندو آهيان

آصف زرداري چيو ته عمران خان کي جمهوريت جو قدر ناهي، کيس خبر ناهي ته عوام کي ڪهڙيون ڏکيائيون پيش آهن

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو آهي، سينيٽ جي چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ به هن پاڻ اسٽينڊ ورتو آهي، جنهن مسئلي جو حل به هو پاڻ ئي ڪڍندو

آصف زرداري وڌيڪ چيو ته ميثاق جمهوريت ۽ ميثاق معيشت واري منهنجي آڇ تي مذاق اڏايو ويو

قومي اسيمبلي جي چيمبر ۾ آصف زرداري سان نون ليگ جي اڳواڻن خواجا سعد رفيق، اياز صادق، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه ۽ ٻين ملاقاتون ڪيون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*