وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ عالمي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ قوم جِي مدد گهرجي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ عالمي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ قوم جِي مدد گهرجي، ڪرپشن ڪرڻ وارن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس، وزيراعظم عمران خان  قوم کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته گذريل 10 سالن دوران 6 هزار ارب رپين وارو قرض 30 هزار ارب رپيا ٿي ويو، جنهن ڪري ٽيڪس جي اڌ رقم عالمي قرض جو وياج ڀرڻ ۾ هلي وڃي ٿي، قوم فيصلو ڪري وٺي ته هر سال 8 هزار ارب گڏ ڪري سگهون ٿا.

هن چيو ته قوم ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندي ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي

وزيراعظم چيو ته مون 2005ع واري زلزلي کان عوام کي هيل تائين ڏٺو آهي، اسان کي ايندڙ سال ساڍا 5 هزار ارب رپيا گڏ ڪرڻا آهن، قوم فيصلو ڪري وٺي ته اها رقم گڏ ڪري سگهجي ٿي

هن چيو ته اسان کي  ٽيڪس جي مد ۾ وڏي رقم گڏ ڪرڻي آهي، ان لاءِ قوم جي مدد گهرجي

وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي عوام جي غربت ختم ڪري سگهون ٿا، پر مان نٿو چاهيان ته عوام کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي، ايف بي آر وٽ سموري ڊيٽا موجود آهي، رڳو ايمنسٽي اسڪيم ذريعي اثاثا ڊڪليئر ڪرڻ جي دير آهي، گهڻي ڀاڱي ملڪ  جا مسئلا حل ٿي ويندا.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرپشن ڪرڻ وارن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس، هاڻي ٽيڪس چورن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*