ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ڏکيائين ۾ واڌ
ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ڏکيائين ۾ واڌ، نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ کي حراست ۾ وٺڻ لاءِ ڪراچي جي احتساب عدالت کي درخواست ڏئي ڇڏي، نيب درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته شرجيل ميمڻ کان سندس پي اي اظهار حسين جي بيان جي روشني ۾ جاچ ڪرڻي آهي.
نيب احتساب عدالت ڪراچي ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي هراست ۾ وٺڻ جي درخواست ڏني
نيب عدالت کي استدعا ڪئي ته شرجيل ميمڻ کان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت جاچ ڪرڻ يآهي، تنهنڪري کيس حراست ۾ وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي
نيب وڌيڪ چيو ته شرجيل ميمڻ جي پي اي اظهار حسين جي بيان جي روشني ۾ شرجيل ميمڻ کان جاچ ڪرڻ ضروري آهي