سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام جمهوريت دشمنن جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جيان بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزير اعظم بڻائيندو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام جمهوريت دشمنن جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جيان بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزير اعظم بڻائيندو

نوابشاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگره واري جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته جلسي ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت ثابت ڪيو ته عوام آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته دشمن ڪيتريون به سازشون ڪري پر عوام ان کي ناڪام بڻائيندو،اسان گرفتارين ۽ ڪيسن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، آصف زرداري ماضي ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي سرخرو ٿيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*