پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت خلاف عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي ۽ وزير اعظم عمران خان کي خبردار ڪندي چيو آهي ته خان صاحب ايترو ظلم ڪر جيترو سڀاڻي برداشت ڪري سگهين

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت خلاف عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي ۽ وزير اعظم عمران خان کي خبردار ڪندي چيو آهي ته خان صاحب ايترو ظلم ڪر جيترو سڀاڻي برداشت ڪري سگهين، تون چوين ٿو سڀني کي روئاريندس، اسان توکان هر لڙڪ جو حساب وٺنداسين، بلاول عوام کي وفاقي بجيٽ خلاف روڊن تي اچڻ جي اچڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته آصف زرداري نه اڳ جهڪيو آهي ۽ نه وري هاڻي جهڪندو.

بلاول ڀٽو زرداري نوابشاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه واري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هي غريب دشمن، عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن بجيٽ آهي، جيڪا ڌانڌلي سان پاس ٿيڻ نه ڏينداسين

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان دعا ڪريو جو توهان کانپوءِ آصف زرداري جي حڪومت ڪري ڇوته هو انتقام ناهي وٺندو، جيڪڏهن نواز ليگ جي حڪومت آئي ته اوهان جي گهر ۾ به عورتون آهن ۽ جيڪڏهن مولانا جي حڪومت آئي ته اوهان کي سنگسار ڪيو ويندو.

پ پ چيئرمين چيو ته آصف زرداري خلاف اربين رپين جي واويلا ڪري ان کي 3 ڪروڙ رپين جي الزام ۾ جيل موڪليو ويو، آصف زرداري نه اڳ جهڪيو آهي ۽ نه وري هاڻي جهڪندو

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت 73 وارو آئين ۽ ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ چاهي ٿي،آصف زرداري صدر هوندي پارليامينٽ کي بااختيار بڻايو،هن ملڪ کي سي پيڪ ۽ اين ايف سي ايوارڊ ڏياريو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين آر او نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙ عليما باجي ۽ ٻين کي اين آراو ڏنو آهي، ٻين جون آف شور ڪمپنيون حرام آهن ، عمران خان ۽ سندس ساٿين جو آف شو ڪمپينون حلال آهن

هن چيو ته  عوام دشمن بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ جن به حڪومت جو ساٿ ڏنو ته اهي به عوام جا ڏوهاري هوندا

پ پ چيئرمين چيو ته گهرو، دفاع وارن وزيرن ۽ پنجاب جي اسپيڪر تي ڪيس آهن،انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ٿئي

بلاول ڀٽو زرداري حڪومت خلاف عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي  چيو آهي ته عوام دشمن بجيٽ ڌانڌلي سان منظور ٿيڻ نه ڏينداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*