اڳوڻي وزير اعظم ميان نوازشريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف کي ٽيون دل جو دورو ڪوٽ لکپت جيل ۾ پيو

اڳوڻي وزير اعظم ميان نوازشريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف کي ٽيون دل جو دورو ڪوٽ لکپت جيل ۾ پيو، جنهن بابت اسان کي ٻڌايو به نه ويو.اسان کي عمران خان مان ڪابه اميد ناهي، هو انتهائي ننڍڙو ماڻهو آهي، پاڪستان نه مصر آهي، نڪي وري نوازشريف کي مرسي بنجڻ ڏينداسين.جيڪڏهن نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار سمورا هوندا.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته ڪوٽ لکپت ۾جيل ۾ هجڻ دوران هن کي نوازشريف جي سيل ۾ پهچڻ لاءِ چيو ويو،ڊاڪٽر عدنان کي به لاهور مان گهرايو ويو، پر اسان کي ڪجهه به نه ٻڌايو ويو، بعد ۾ ڊاڪٽر عدنان ٻڌايو ته نوازشريف کي ٽيون ڀيرو دل جو دورو پيو.

هن چيو ته مان نوازشريف جو ڪيس 22 ڪروڙ عوام جي سامهون رکڻ گهران ٿي،عوام کي شاهد بنائڻ چاهيان ٿي

هن چيو ته هن جي پريس ڪانفرنس جو اهو مقصد ناهي ته مان حڪومت کان ڪجهه گهرڻ چاهيان ٿي،وزيراعظم عمران خان انتهائي ننڍڙو ماڻهو آهي،هو ڪجهه ڏيڻ جي پوزيشن ۾ به ناهي

مريم نواز  هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن ميان صاحب  کي ڪجهه ٿيو ته عدليا سميت سڀ ذميوار هوندا

هن چيو ته حڪومت پاران نوازشريف لاءِ انصاف جا دروازا بند ٿيڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر عدالت جا دروازا به بند ڇو ڪيا ويا آهن

مريم نواز چيو ته نوازشريف جو ڇهن هفتن ۾ علاج ممڪن ناهي،هن کي هڪ ٻئي سرجري جي ضرورت آهي

 هن چيو ته ميان صاحب جي دل ۾ ست اسسٽينٽس آهن، وڌيڪ ڪابه گنجائش ناهي

هن چيو ته نوازشريف جي ڪڊني اسٽيج ٿري آهي ۽ هن کي ڪنهن به وقت دل جو دورو پئجي سگهي ٿو

 ن ليگ اڳواڻ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻ ميان صاحب سان ملاقات تي به پابندي لڳائي وئي.ملاقات دوران هڪ اهڙي ماڻهو کي ويهارو ويو، جنهن جي ڊيوٽي هئي ته هو اسان جون ڳالهيون ٻڌي،هن سوال ڪيو ته والد ۽ ڌيءَ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري سگهن ٿا.

مريم نواز چيو ته نواز شريف کي ووٽ کي عزت ڏيو جي سزا ملي رهي آهي،هو قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪري ٿو

مريم نواز چيو ته ميثاق معيشت بابت شهباز شريف جي پنهنجي راٰءِ ۽ منهنجي پنهنجي راءِ آهي، ميثاق معيشت واري تجويز منهنجي نظر ۾ مذاق آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*