سڌ سماءُ واري خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف جي ميثاق معيشت کي مذاق قرار ڏئي پنهنجي پارٽي تي پاڻ آپگهاتي حملو ڪيو آهي

سڌ سماءُ واري خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف جي ميثاق معيشت کي مذاق قرار ڏئي پنهنجي پارٽي تي پاڻ آپگهاتي حملو ڪيو آهي، مريم نواز کي گهرجي ها ته پهريان پنهنجي چاچي کان پارٽي جي صدارت تان استعيفيٰ گهري ها، اسلام آباد ۾پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مسلم ليگ نون ٻن موقفن ۾ڦاسي چڪي آهي، نواز شريف جي بيانيئي تي سندس ڀاءُ شهباز شريف به گڏ ناهي، اهو ئي نواز شريف کي ڏک آهي.

هن چيو ته مريم نواز کي پنهنجي ذات کانسواءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي، مريم رڳو نواز شريف جي بيماري تي سياست ڪري رهي آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عليمه خان تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن، جيڪڏهن ڪنهن الزام ۾صداقت آهي ته ان جا ثبوت پيش ڪيا وڃن

هن چيو ته اپوزيشن وارا رڳو گدڙ ڀڀڪيون ڏئي رهيا آهن، انهن جي حڪومت خلاف اعلانيل تحريڪ ڪيڏانهن وئي؟

فردوس عاشق اعواڻ مريم نواز کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جوابدار آهيو، اوهان اهو متان وساريو ته عدالت اڃا تائين اوهان جي سزا ختم نه ڪئي آهي، اوهان رڳو ضمانت تي آهيو

 

 

 

 

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*