قمبر جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

قمبر جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت هڪ جوابدار سلطان لنجواڻي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي

قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت قتل جوڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن حبدار گرگيج ۽ محمد علي سومرو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت هڪ جوابدار فداحسين پيرزادو  کي باعزت بري ڪري ڇڏيو

واضح رهي ته جوابدارن 7 سال اڳ وارهه ٿاڻي جي حد ۾ ياسين کوکر کي قتل ڪيو هيو، اهڙو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين سزا ٻڌائي وئي

ساڳئي عدالت قتل جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سلطان لنجواڻي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي

جوابدار قمبر ٿاڻي جي حد ۾ احمد علي عرف امن چانڊيو کي 2009 ۾  قتل ڪيو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*