ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي حراست ۾ ڏيڻ بابت نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت نيب کي شرجيل ميمڻ کان جيل ۾ پڇاڳاڇا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي حراست ۾ ڏيڻ بابت نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت نيب کي شرجيل ميمڻ کان جيل ۾ پڇاڳاڇا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ کي حراست ۾ وٺڻ جي استدعاڪئي هئي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ نيب جي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ جاچ لاءِ حراست ۾ ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي

نيب پراسڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته شرجيل ميمڻ کان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري معاملي جي جاچ ڪرڻي آهي، تنهنڪري کيس حراست ۾ وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي

شرجيل ميمڻ جي وڪيل نيب جي درخواست تي مخالفت ڪندي چيو ته نيب کي جيڪڏهن ڪا پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي ته جيل ۾ ڪري سگهي ٿي

نيب پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جيل انتظاميا پڇا ڳاڇا جي اجازت نه پئي ڏئي، تنهنڪري شرجيل ميمڻ کي سندن حوالي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي يا اين او سي ڏني وڃي

عدالت نيب پراسڪيوٽر کي چيو ته نيب کي اين او سي جي ڪهڙي ضرورت آهي

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد نيب جي حراست ۾ ڏيڻ واري درخواست رد ڪندي شرجيل ميمڻ کان جيل ۾ جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*