قطر جو امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين نور خان ايئربيس تي سندس آجيان ڪئي

قطر جو امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين نور خان ايئربيس تي سندس آجيان ڪئي

قطر جو امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٻن ڏينهن جي دوري تي نور خان ايئر بيس پهتو، جتي  21 توپن جي سلامي پيش ڪرڻ کانپوءِ جي سيونٽين ٿنڊر جهازن قطري مهمان کي هوائي سلامي پيش ڪئي

نور خان ايئربيس تي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪندي قطري امير کي پي ايم هائوس وٺي آيو، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو

گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ بعد قطري مهمان ۽ وزيراعظم وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات به ٿي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي سميت ٻين مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب قطر جو امير اهم وزيرن ۽ سينيئر عملدارن جي وفد سان گڏ پاڪستان پهتو آهي

 قطر جو امير پاڪستان جي صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان،  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا توڙي ٻين سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪري اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو

 پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب قطر جي امير ۽ پاڪستاني قيادت وچ ۾ ملاقاتن دوران معاشي ڀائيواري تي به ڳالهيون ٿينديون

ترجمان جو چوڻ آهي ته قطر ۽ پاڪستان وچ ۾مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ وارن معاهدن تي صحيحون به ڪيون وينديون

 

 

 

 

 

 

 

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*