لاڙڪاڻو پوليس پير شير روڊ وٽ هڪ ڪٻاڙي جي دڪان تي ڇاپو هڻي اتي ٻورن ۾ بند پيل استعمال ٿيل هزارين سرنج ۽ ڊرپ سيٽ هٿ ڪري قبضي ۾وٺي ڇڏيا

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ايڇ آءِ وي بريڪ آئوٽ ٿيڻ بعد تحرڪ ۾آيل پوليس پير شير روڊ وٽ ڪٻاڙيءَ جي هڪ دڪان تي ڇاپو هڻي استعمال ٿيل هزارين سرنج ۽ ڊرپ سيٽ هٿ ڪرڻ بعد ڪٻاڙي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪٻاڙي جي دڪان تي ڇاپي دوران هٿ ڪيل سرنج ۽ ڊرپ سيٽ ٻورين ۾ لڪائي وڪرو ڪرڻ لاءِ رکيا ويا هئا.

لاڙڪاڻو پوليس پير شير روڊ وٽ هڪ ڪٻاڙي جي دڪان تي ڇاپو هڻي اتي ٻورن ۾ بند پيل استعمال ٿيل هزارين سرنج ۽ ڊرپ سيٽ هٿ ڪري قبضي ۾وٺي ڇڏيا

ان موقعي تي پوليس ڪٻاڙي کي پڻ گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، جتي کانئس جاچ شروع ڪئي وئي آهي

 پوليس موجب هٿ ڪيل سرنج ۽ ڊرپ سيٽ پلاسٽڪ جي سامان ۾ اندر بند ڪري ٻورين ۾ لڪايا ويا هئا، جيڪي ڪٻاڙ جي ٻئي سامان سان وڪرو ڪرڻ لاءِ رکيا ويا هئا

ذريعن موجب لاڙڪاڻي جي مختلف ميڊيڪل سينٽرز ۽ سرڪاري اسپتالن پاران ڊرپ سيٽس ۽ سرنج اڇلايون وڃن ٿيون، ڪجهه ماڻهو اهي گڏ ڪري ڪٻاڙين کي کپائن ٿا، جيڪي ٻيهر استعمال جوڳو بڻائي مختلف شهرن ڏانهن وڪرو ڪن ٿا، جتي انهن جي صفائي ٻيهر وڪري لاءِ موڪليو وڃن ٿيون،

واضح رهي ته ايڇ آءِ وي آئوٽ بريڪ ۾ به ڊبليو ايڇ او پاران رپورٽ ڏني وئي هئي ته سرنج جي بار بار استعمال سان ايڇ آءِ وي جو وائرس پکڙيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*