قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته اسان وٽ سموريون شاهديون موجود آهن، اسان کين بل موڪلينداسين ته جيڪو غيرقانوني پئسو استعمال ڪيو آهي اهو واپس ڪيو وڃي

وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته اپوزيشن وارا اين آر او لاءِ مشرف نه پر آمريڪي عملدارن جي پيرن ۾ ڪريا هئا، شهيد بينظير ڪرپشن جي ڪيسز مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ به آمريڪا کي درخواست ڪئي هئي.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته اسان وٽ سموريون شاهديون موجود آهن، اسان کين بل موڪلينداسين ته جيڪو غيرقانوني پئسو استعمال ڪيو آهي اهو واپس ڪيو وڃي

مراد سعيد بلاول ڀٽو زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪا زبان نوابشاهه ۾ استعمال ڪئي وئي، اهڙي آئون استعمال نه ٿو ڪري سگهان، هڪ پرچي تي پارٽي ملڻ جيڪڏهن ميرٽ آهي ته اوهان کي سلام پيش ڪريان ٿو، اهڙن ماڻهن کي غريبن جو ڏک ڪيئن ٿو محسوس ٿي سگهي.

هن چيو ته پ پ جي دور ۾ قبائلي علائقن تي ڊرون حملا ٿيندا هئا ۽ اڄ وري بلاول اتان جي عوام جي ڳالهه ڪري ٿو

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو سرٽيفائڊ نااهل آهي ته اهو نواز شريف آهي، نواز شريف جي علاج تي 34 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيو هو، رائيونڊ جي روڊ تي 28 ڪروڙ 36 لک رپيا خرچ ٿيا

وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته ته اسان وٽ اپوزيشن جي شاهاڻي خرچ جا سمورا تفصيل موجود آهن، اسان کين بل موڪلينداسين ته جيڪي غيرقانوني طور پئسا خرچ ٿيا آهن اهي واپس ڪيا وڃن

مراد سعيد پنهنجي تقرير دوران آمريڪي عملدارن ڪونڊو ليزا رائس ۽ بارڪ اوباما جا ڪتاب ڏيکاريا ۽ اين آر او  ۽ آصف زرداري جي آمريڪي عملدارن سان ملاقات جا حوالا به ڏنا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*