پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته “سليڪٽڊ” لفظ غير پارلياماني نه آهي، وزيراعظم جي اَنا جي ڪري سليڪٽڊ لفظ تي پابندي مڙهي وئي آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته “سليڪٽڊ” لفظ غير پارلياماني نه آهي، وزيراعظم جي اَنا جي ڪري سليڪٽڊ لفظ تي پابندي مڙهي وئي آهي

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيرن جي غير سنجيده رويي تي قوم کان معافي گهران ٿو، بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز جا پراڊڪشن آرڊرز به جاري ڪيا وڃن.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي کنيل قدمن سبب ملڪ سڙي رهيو آهي، سندس هر فيصلو غلط ثابت ٿيو آهي

سندس چوڻ هو ته سياست، معيشت ۽ حڪومت سميت وزيراعظم جنهن به شئي کي هٿ لڳائي ٿو ته اها خراب ٿي ويندي آهي، سندس هر فيصلو باهه تي تيل هارڻ جي برابر آهي

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته وزيراعظم هڪ سال اڳ منهنجي سليڪٽڊ واري لفظ تي تاڙيون وڄايون هيون ۽ اڄ ان  لفظ تي پارليامينٽ ۾ پابندي هڻائي ڇڏي آهي، ملڪ ۾ عوام ، سياست ۽ صحافت سميت ڪا به شئي آزاد نه آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته هي ڪهڙي آزادي آهي جو اپوزيشن اڳواڻن جا لفظ حذف ڪيا وڃن ٿا، نئون پاڪستان سينسرڊ پاڪستان آهي جنهن کي اسان نه ٿا مڃون

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوامي مسئلن تي احتجاج ۽ تنقيد ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي، حڪومت تعميري تنقيد مان سکي، جيڪڏهن حڪومت به اپوزيشن ڪندي ته پوءِ حڪمراني ڪير ڪندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*