وزير اعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن جي تحريڪ انهن جي سيني ۾ ختم ٿي ويندي

وزير اعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن جي تحريڪ انهن جي سيني ۾ ختم ٿي ويندي، نئين پاڪستان ۾ نئين جذبي سان وزيراعظم  قيادت ڪندو، آئين ۽ قانون جي بالادستي  کي يقيني بنائڻ حڪومت جو ڪم آهي.

اسلام آباد ۾ ايجوڪيشن ايڪسپو دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ٻنهي نون ڄاول سياسي اڳواڻن جو بيانيو، انهن جون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن.

هن چيو ته جيستائين ذاتي مفادن کان ٻاهر نه نڪرنداسين، تيستائين ملڪي  مفادن جي جهلڪ نظر نه ايندي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان پهريون ڀيرو اقتدار کان ٻاهر هجڻ جو ڏک محسوس ڪري رهيو آهي، مولانا  اقتدار کان ٻاهر مڇيءَ جيان تڙپي رهيو آهي، دوست ملڪ پاڪستان کي معاشي چيلينج مان ڪڍڻ لاءِ  سپورٽ ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته اپوزيشن پارٽين جي پئدا ڪيل مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي

هن چيو ته اپوزيشن کي خبر آهي ته صورتحال بهتر ٿيڻ تي انهن جي ڪوبه ڳالهه نه ٻڌندو

فردوس عاشق  اعواڻ  چيو ته لفظن جو سهارو وٺي ڪري عوام کي گمراهه ڪري نٿو سگهجي

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪ ۾ هڪڙو تعليمي نظام قائم ڪرڻ گهري ٿي، اصل مسئلو ٻه ڪروڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته تعليمي ميدان ۾ ٻهراڙين ۾ وڌيڪ چيلينج آهن،  روايتي تعليمي نظام هاڻ ناڪام ٿي ويو آهي، تبديلي آڻڻ جو موثر هٿيار صرف ۽ صرف تعليم آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*