وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن تحريڪ هلائي يا اي پي سي ڪوٺائي، ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن تحريڪ هلائي يا اي پي سي ڪوٺائي، ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو

 اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن احتجاج وارو شوق ڀلي  پورو ڪري وٺي،اسان کي ڪا به پرواهه نه آهي

وزير اعظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ته مان ڪرپشن تي ڪا به سوديبازي نه ڪندس

هن واضح ڪيو ته اين آر او لاءِ مون سان سڌيءَ ريت ڪنهن به رابطو نه ڪيو آهي

عمران خان چيو ته اسانکي پنهنجي ڪارڪردگي سان جواب ڏيڻو آهي

وزيراعظم پنهنجي پارٽي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي بجيٽ اجلاس دوران ايوان ۾ موجود رهن

وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت لاءِ بجيٽ منظور ڪرائڻ ڪوبه مسئلو ناهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*