وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق خط لکي ٻڌايو ته هن سال 666 ڏهائي 7 ارب رپيا موڪليا ويندا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق خط لکي ٻڌايو ته هن سال 666 ڏهائي 7 ارب رپيا موڪليا ويندا، اسان وڏا خوش ٿياسين، چئن ڏينهن کانپوءِ 34 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪري 632 ارب رپيا ڏيڻ جو چيو ويو، وري ٻيهر هڪ ڏينهن کانپوءِ هڪ ارب رپيا وڌيڪ گهٽ ڪري 631 رپين جو انگ ٻڌايو ويو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاق کان سنڌ کي 126 ارب رپيا ملڻا آهن، جيڪڏهن وفاق پيسا ڏنا ته حفيظ شيخ کي سلام پيش ڪندس

مراد علي شاهه چيو ته ايف بي آر ۾ شبر ۽ گبر جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، شبر منهجو دوست آهي، الله ڪري ان کان گبر وارو ڪم نه ڪرايو وڃي

وڏي وزير چيو ته کيس سنڌ اسيمبلي ۾ ڪوڙو چيو ويو، پگهارن ۾ واڌ جي ڊمانڊ اپوزيشن ڪئي هئي

مراد علي شاهه چيو ته آڊٽ رپورٽ آڊيٽر جنرل گورنر وٽ جمع ڪرائيندو آھي، گورنر اها رپورٽ ڪالهه اسيمبلي ڏانهن موڪلي آھي

وڏي وزير چيو ته سنڌ جي گورنر کي اسپيڪر ڏانهن خط لکڻ کان فرصت ملي ته پنهنجو ڪم ڪري، اسپيڪر ڏانهن خط لکڻ هن جو ڪم ناهي

مراد علي شاهه چيو ته کيس چيو ويو ته وزيراعظم ڪي فور تي اجلاس گهرايو آهي تياري ڪري اچو، اجلاس واري ڏينهن ٻه ڪلاڪ پهريان ٻڌايو ويو ته اجلاس ڪينسل ڪيو ويو جيڪو اڄ تائين ناهي ٿيو

وڏي وزير چيو ته وزيراعظم جي ميٽنگ ۾ چيو ويو ته ڪي فور ۾ گهپلو ٿيو آھي مون چيو ته ڀلي منهنجي خلاف انڪوائري ڪرايو پر ڪي فور جو ڪم ته مڪمل ڪرايو

مراد علي شاهه چيو ته متحده وارن کي وزارت لاءِ بارڪيننگ ڪرڻ بدران ڪراچي جي ماڻھن لاءِ بارگيننگ ڪرڻ گهرجي

وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڊالر 121 رپين کان 157 رپن تي وڃي پهتو آهي، اسان چئون ٿا ته عذاب آيو آھي هي چون ٿا ته خان آيو آھي، ڀلي توهان اسان سڀني کي اندر ڪري ڇڏيو، مسئلو حل ڪو نه ٿيندو.

مراد علي شاهه چيو ته اين اي سي ۽ سي سي آئي جو اجلاس نه گهرايو ويو آھي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*