بدين ،ڪلوئي،تلهار، ماتلي، دادو ۽ ڀرپاسي ۾ برسات کانپوءِ گرمي جي ستايل ماڻهن سک جو ساهه کنيو آهي

بدين ،ڪلوئي،تلهار، ماتلي، دادو ۽ ڀرپاسي ۾ برسات کانپوءِ گرمي جي ستايل ماڻهن سک جو ساهه کنيو آهي، جڏهن ته ٿاڻو بولا خان برسات بعد نئيون وهي آيون آهن

ڪلوئي ، ستون ميل، ونگو پتڻ ۽ ڪاجهر سميت سڄي تعلقي ۾ سانوڻي رت جي پهرين برسات پئي آهي، ڪلوئي ۾ برسات پوڻ بعد گٽر نالا اٿلي پيا، جنهن سبب گندو پاڻي روڊن تي بيهجي ويو

ڪلوئي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات کانپوءِ  گرمي جو زور گهٽجي ويو، جڏهن ته برسات بعد بجلي بند ٿي وئي

ماتلي،تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ برسات بعد بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو

دادو ۽ ڀرپاسي ۾ هلڪي هلڪي برسات پئي، جنهن سبب  گرمي جي شدت  ۾ گهٽتائي آئي آهي

ٿاڻو بولا خان ۽ ڀرپاسي ۾ برسات کانپوءِ نئيون وهي آيون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*