پيپلزپارٽي قبائلي علائقن ۾ چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ٿيل غلطيون ٻيهر ورجايون نه وڃن

پيپلزپارٽي قبائلي علائقن ۾ چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ٿيل غلطيون ٻيهر ورجايون نه وڃن، جيڪڏهن فوج پولنگ اسٽيشن اندر مقرر هوندي ته ادارو تڪراري بڻجي ويندو.

قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فاٽا ۾ چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن فوج مقرر ٿي ته ان تي سوال پيدا ٿيندا ۽ اداري جي ساک کي نقصان پهچندو.

هن چيو ته فاٽا جي چونڊن ۾ حڪومت ڌانڌلي ڪري رهي آهي، فوج پولنگ بوٿ اندر موجود هوندي ۽ پولنگ باڪس کي هٿ لڳائيندي ته ادارو تڪراري بڻجندو، اليڪشن ڪميشن فوج جي مقرري وارو فيصلو واپس وٺي.

سندس چوڻ هو ته عام چونڊن واري غلطي کي ٻيهر ورجايو نه وڃي، پاڪ فوج اهم ادارو آهي ۽ اسان ان جي عزت ڪريون ٿا، چونڊن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي طريقا موجود آهن

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ يا نه هٽائڻ جو فيصلو اي پي سي ۾ ٿيندو، سمورا فيصلا  آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪيا ويندا

پ پ چيئرمين چيو ته نندي پور ريفرنس ۾ رڳو بابر اعواڻ کي انصاف مليو آهي، حڪومت واضح ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ اچو يا جيل وڃو، اسان چاهيون ٿا ته سڀني سان انصاف ٿئي

بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ماڪڙ جي حملي کي قومي الميو قرار ڏيندي چيو ته ماڪڙ جي روڪٿام لاءِ وفاق صوبن کي فنڊز ڏئي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي آبادگارن جو نقصان پاڪستان جو نقصان هوندو، ماڪڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد گهرجي، ايڇ آءِ وي بابت آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*