عمران خان جي غلط پاليسين سبب عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي: سعيد غني


مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته معاشي دهشتگرد عمران خان جي غلط پاليسين سبب عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي،

اسان جي حڪومت ۾ مهانگائي خلاف روزانو احتجاج ڪندڙ ايم ڪيو ايم هاڻي مهانگائي تي خاموش ڇو آهي، سياسي مخالف ڪراچي ۾ پاڻي بحران ۽ فساد ڪرائڻ چاهين ٿا.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته وفاقي بجيٽ عوام دشمن آهي، جنهن کي منظور ٿيڻ نه ڏينداسين.

سعيد غني چيو ته معاشي دهشتگرد وزيراعظم جي غلط پاليسين سبب عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي.

صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم ڪي ايم سي جو آهي، اسان جا سياسي مخالف ڪراچي ۾ پاڻي بحران پيدا ڪرڻ ۽ فساد ڪرائڻ چاهين ٿا

پر انهن کي شڪست ملندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*