ڊالر کي پَر لڳي ويا، 161 رپين جو ٿي ويو

انٽربينڪ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 161 رپين تائين پهچي ويو، ڊالر جو ملهه وڌڻ سان رڳو جون مهيني ۾ پرڏيهي قرضن ۾ 800 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي.

رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر تيزيءَ سان ڊبل سينچري طرف وڌي رهيو آهي.

اڄ انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ 4 رپيا 2 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن بعد ڊالر جي قيمت هڪ سئو 61 رپين جي بلندترين سطح تي پهچي وئي آهي.

اوپن مارڪيٽ ۾ گذريل هڪ مهيني دوران ڊالر جي قيمت تقريبن 7 رپيا وڌي وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ مهيني انٽربينڪ ۾ ڊالر 8 رپيا 8 پئسا مهانگو ٿيو آهي.

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته رپئي جو قدر گهٽ ٿيڻ سان رڳو جون جَي مهيني ۾ پرڏيهه قرض 8 سئو ارب رپيا وڌي ويا آهن.

انٽرنينڪ ۾ ڊالر جو مُلهه وڌڻ کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران ڊالر 10 رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿيو آهي، جنهن سبب پاڪستان تي پرڏيهي قرضن جو ڪاٿو هڪ هزار ارب رپين

کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ترقياتي منصوبن جي لاڳت به وڌي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*