رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي سبب ٻارڙو فوت، ڳڙهي خيرو ۾ هڪ ڪيس ظاهر

رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٽن سالن جي ٻارڙي عليشا ڌيءَ محمد علي سومرو ايڊز وگهي فوت ٿي وئي، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙيءَ کي

علاج لاءِ لاڙڪاڻي سينٽر کڻي وياسين پر علاج نه ڏنو ويو، ايڊز وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 20 ٿي ويو.

سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جا هاڃا جاري آهن، هن وقت تائين ايڇ آءِ وي تي ضابطو اچي نه سگهيو آهي.

رتوديرو ۾ هاشم ڀٽي پاڙي جي ٽن ورهين  جي نينگري عليشا ڌيءَ محمد علي سومرو ايڇ آءِ وي سبب فوت ٿي وئي، جنهن بعد رتيديري ۾ فوتين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي.

فوتي نينگري جي چاچي اسدالله سومرو چيو آهي ته اسان جي گهر ۾ ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا چار ٻار آهن، جن مان ٻه ٻار منهنجا ۽ ٻه منهنجي ڀاءُ جا آهن..

اسد الله سومرو چيو ته لاڙڪاڻي سينٽر تي علاج نه ٿو ملي، اسان دربدر ٿي موٽي آياسين، اسان ٻئي ڀائر مزدوري ڪندا آھيون.

فوتي نينگري جي چاچي چيو ته ايڇ آ۽ وي جو علاج مھانگو آھي، سرڪاري طور علاج نٿو ملي ان ڪري اسان جا ٻار فوت ٿي رھيا آھن.

هوڏانهن ڳڙهي خيرو: ڳوٺ بشام ڪٽوهر ۾ نينگر احمد ميان کي ايڇ آءِ وي ايڊز جي تصديق ٿي آهي.

نينگر احمد ميان جي رت جي چڪاس رتوديرو تعلقي اسپتال ۾ ڪئي وئي، جتي کيس ايڇ آءِ وي هجڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي، هاڻ رتوديرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن

۾ ايڇ آءِ وي متاثرن جو انگ وڌي 851 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*