ٿاڻو بولا خان حادثي جو جرڳو، تڙپندڙ ڇڏي ويندڙ ڊاڪٽر ۽ سندس پٽ تي 9 لک رپيا ڏنڊ

ٿاڻو بولا خان ۾حادثو ڪري زخمي کي تڙپندو ڇڏي ويندڙ ڊاڪٽر ۽ سندس پٽ تي 9 لک  رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي،

گاڏي جو مالڪ ڊاڪٽر فوتي جي وارثن وٽ منٿ ميڙ قافلو به وٺي ويو هو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر نارو مل جي ڪار جي ٽڪر ۾ الياس پالاري فوت ۽ سندس گهرواري سميت 2 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

ملڪ اسد سڪندر  جي مداخلت سان چڱن مڙسن فيصلو ڪري ديوان برادري جي ڊاڪٽر نارو مل ۽ سندس پٽ تي 9 لک رپيا

ڏنڊ رکيو آهي، جنهن کانپوءِ ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو.

واضح رهي ته گاڏي هلائيندڙ نارو مل پاران منٿ ميڙ قافلو به پالارين وٽ ويو هو، ان بعد پالاري برادري جا ماڻهو فيصلي تي راضي ٿيا هئا .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*